ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان: هي شهر ٽنڊي محمد خان ضلعي جو هيڊڪوارٽر، مشهور شهر ۽ ديهه آهي. هن ديهه ۾ ’پير ڏنو ماڇي‘، ’جمعو پرهياڙ‘ ۽ ’هاشو‘ نالي سان ٽي ڳوٺ آباد آهن:
ٽنڊي محمد خان شهر جو باني، ميرمحمد خان ٽالپر هو، جيڪو ديهه پٽ باران ۾ ديره جات جي علائقي ۾ رهندو هو. ڪلهوڙا دور تائين سڀ ٽالپر اُتي رهندا هئا. جڏهن مير فتح عليءَ جي حڪومت قائم ٿي ته مير محمد خان کي هڪ وڏي جاگير ملي، جنهن جي ڪل پکيڙ اٽڪل ٽي لک ايڪڙ هئي. مير فتح علي خان جي حڪومت 1783ع ۾ قائم ٿيڻ ۽ جاگير ملڻ کان پوءِ ان جي نظرداريءَ لاءِ ميرصاحب کي وقت به وقت هتي اچڻو ٿي پيو ۽ ديره جات جي ڦِٽڻ کان پوءِ کيس هتي پنهنجو ڳوٺ ٻڌائڻ لاءِ هن جي نظر هن علائقي تي پئي، جتي هينئر ٽنڊومحمد خان آباد آهي. ”گونيءَ“ جي ڪپ تي هي شهر مير فتح علي خان جي حڪومت جي اٺن سالن کان پوءِ 1791ع ۾ آباد ٿيو. مير محمد خان ٽالپر، ٽنڊي محمد خان آباد ڪرائڻ کان 22 سال پوءِ، 13 آڪٽوبر 1812ع تي وفات ڪري ويو. سندس مقبرو ان وقت جي مشهور شهر فتح باغ ۾ آهي، جيڪو ماتليءَ جي ويجهو آهي. ڪنهن زماني ۾ موجوده ٽنڊي محمد خان شهر جي وچ ۾ هڪ واهه وهندو هو، جنهن جو نالو امام واهه هو. ان واهه تي ان وقت ٻنيون آباد ٿينديون هيون. هتي 1904ع ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿي اُن سال 15 آگسٽ تي پهرين ريل گاڏي هتي اچي بيٺي، جيڪا حيدرآباد کان بدين تائين هلڻ شروع ٿي هئي. 1859ع ۾ جڏهن ”سر هينري پاٽنجر“ هتي آيو هو، ان وقت مير سلطان علي خان هتي رهندو هو. هن شهر ۾ گهمڻ ۽ شڪار سانگي، انگريزن جي دور کان وٺي هيستائين ملڪ جا حڪمران ۽ وڏا سياستدان ايندا رهيا آهن، جهڙوڪ: سنڌ جا گورنر ڊائو گراهم ۽ موڊي، پنڊت جواهر لال نهرو، سروجني نائيڊو، بحرين جو شهزادو شيخ سليمان ۽ سندس والد الخليل، افغانستان جو بادشاهه، چين جا سرڪاري وفد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو (بحيثيت وزير خارجه)، پرنس علي خان، پرنس ڪريم آغا خان، شهنشاهه ايران ۽ ٻيا. ڦليليءَ جي ڪناري تي هئڻ ڪري، شهر جي خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آيو. هيءُ هڪ صنعتي شهر آهي. هتي چانورن ڇڙڻ، ڪپهه ٽاڻڻ ۽ کنڊ جا ڪارخانا آهن. هتي فتح ٽيڪسٽائيل مل به آهي. هتي گرلس ۽ بوائز ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول آهن؛ چوپاين جانورن جا وڏا وڏا فارم آهن. هتي هڪ بزرگ نذر محمد شاهه جو مقبرو آهي، جتي هر سال عرس ٿيندو آهي، جنهن جي خاص ڳالهه شيدين جو ”مگرمان“ تي ناچ ڪرڻ آهي، جيڪو سندن پنهنجي اصلي وطن سان عقيدت جو اظهار آهي. ان ناچ کي ڪيترائي ماڻهو پري پري کان ڏسڻ ايندا آهن. هتي جي آبادي ٻن لکن اندر ٿيندي. شهر جي ويجهو ”ٻُڌ ڪن جا ٽَڪر“ آهن، جيڪي آثار قديمه ۾ شمار ٿين ٿا. انهن کي ڏسڻ سان اندازو ٿو ٿئي ته هتي هڪ پراڻو قلعو به هو، جنهن جا ڪجهه آثار موجود ڏسجن ٿا. هن شهر ۾ ڪافين جو مشهور شاعر سيد اميد علي شاهه (وفات 1868ع) به آرامي آهي. لاڙ جي بخاري سيدن جو واسطو به هن شهر سان آهي، جن مان محسن شاهه بخاري، پيپلزپارٽيءَ جي دؤر ۾ وزير رهي چڪو آهي. مشهور درويش عبدالفتاح شاهه پڻ هن ئي خاندان مان هو. رڙيءَ جا خواجه سيٺيون هن شهر ۾ ڪثرت سان آباد آهن. مير غلام علي خان ٽالپر ۽ مير الله بخش خان ٽالپر جو تعلق پڻ هن شهر سان هو. ان کانپوءِ مير خان ٽالپر'>اعجاز علي خان ٽالپر هتي جي مشهور شخصيت رهيو آهي. اجرڪون ٺاهڻ جو مشهور ڪاريگر مرحوم الهڏنو سومرو به ٽنڊي محمد خان جو رهاڪو هو. غلام مرتضيٰ شاهه سنڌ جو مشهور ۽ معروف حڪيم به هتي مدفون آهي. اردو زبان جي مشهور سنڌي شاعر فضل محمد ”ماتم“ به زندگيءَ جا ڪجهه ڏينهن هتي گذاريا. سندس پويان اڃا تائين هن شهر ۾ رهن ٿا. نقشبندي بزرگن ۽ عالمن جو گهر، ٽنڊو سائينداد، هتان ٽي ڪلوميٽر اترطرف آهي. هتي فوجي شگر مل به قائم آهي.


لفظ ٽنڊو محمد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو